لاڙڪاڻو: وڏي وزير جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل سان حادثو، هڪ اهلڪار فوت، 6 زخمي

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پوليس موجب موبائل موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ويندي اوٺا چوڪ تي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موبائل ۾ سوار هڪ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جڏهن ته 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
فوتي اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمين کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.