عمران خان، فيصل جاويد، اسد عمر لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس مان آجا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان، فيصل جاويد ۽ اسد عمر کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي بريت جي درخواست منظور ڪئي ۽ عدالت عمران خان، فيصل جاويد، اسد عمر، راجا خرم نواز، علي نواز اعواڻ کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.
عدالت چيو ته وڪيل موجب عمران خان ۽ ٻين جوابدارن کي قلم 144 لاڳو هجڻ جي خبر نه هئي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو هو، پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف سياسي انتقام لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪومت طرفان قلم 144 جو نوٽيفڪيشن منظر تي نه آيو، ترنول ٿاڻي جو ايس ايڇ او فريادي آهي، پوليس آفيسر کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ناهي، 11 شاهد چالان ۾ شامل هئا، هڪ به بيان رڪارڊ ڪرائڻ عدالت نه آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.