اين اي 15 مانسهرا تان اميدوار نواز شريف جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهرا تان چونڊ عذرداري ڪيس ۾ نواز شريف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهرا تي ري اليڪشن بابت نواز شريف جي درخواست تي گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اربع ڏينهن ٻڌايو ويو.
اليڪشن ڪميشن چونڊ عذرداري ڪيس ۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ کيس اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر کي ٽن ڏينهن ۾ تڪ جو حتمي نتيجو جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته عام چونڊن ۾ اين اي 15 مانسهرا تان نواز شريف کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.