آمريڪا جو پاڪ – ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي ردعمل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪ – ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان سان نجي سفارتي گفتگو تي تبصرو نٿا ڪري سگهون، توانائي بحران ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ آمريڪا جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي توانائي صلاحيت ۾ 4000 ميگا واٽ واڌ جي مدد ڪئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب آمريڪي منصوبن جي مدد سان اڄ 50 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين جي گهرن کي بجلي ملي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.