ٻارن جو گھڻو کائڻ مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو: تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اُهي ننڍا ٻار جيڪي کاڌي کي ڏسي ۽ ان جي بوءِ سنگھي پاڻ کي روڪي ناهن سگھندا انهن ۾ نوجواني ۾ کائڻ جي مسئلن ۾ مبتلا هجڻ جا امڪان ٻيڻا ٿي ويندا آهن.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۽ ايمريسمس يونيورسٽي روٽرڊيم ۾ ڪيل تحقيق ۾ محققن کي خبر پئي ته 4 يا 5 ورهين جا اُهي ٻار جن ۾ کاڌي جي گھرج گھڻي هئي انهن ۾ ڏهاڪي کان پوءِ گھڻو کائڻ جي مسئلن ۾ مبتلا هجڻ جا امڪان ٻيڻا هئا.
ان جي ابتڙ اُهي ٻار جيڪي پنهنجي کاڌي ۾ وقفو رکندا هئا ۽ انهن کي پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس جلد ٿي ويندو هو ۽ انهن جي وڏي عمر ۾ کائڻ جي بي قابو گھرج يا ايموشنل ايٽنگ (جذبات کي منهن ڏيڻ لاءِ کاڌي جي استعمال) جا امڪان گھٽ هئا.
ماهرن جو خيال هو ته جيتوڻيڪ ڪجهه خطرا جينياتي هئا، پر غذا جو صحت مند ماحول ۽ والدين جي نگران کائڻ جي حڪمت عملي جي ترتيب امڪان گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي.
پنهنجي نوعيت جي ان پهرين تحقيق ۾ محققن شروعاتي ننڍپڻ ۾ بُک جي خاصيتن ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ کائڻ جي مسئلن سان واسطو ڏٺو.
تحقيق ۾ سائنسدانن برطانيا ۽ نيدرلينڊ ۾ 3670 ٻارن جي والدين کان حاصل ڪيل ڊيٽا جو جائزو ورتو جن ۾ ٻارن جي کاڌي مان مزو وٺڻ، کاڌي کان پاسو ڪرڻ، کائڻ وقت رفتار ۽ جذبات ۾ وڌيڪ کائڻ جهڙا عمل شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.