لاهور( ويب ڊيسڪ) ملتان سلطان جي فاسٽ بالر محمد علي جو چوڻ آهي ته ريڊ بال کان وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ اچڻ سولو ناهي، وسيم اڪرم، وقار يونس جهڙا تيز بالر ريڊ بال سان گڏ وائٽ بال جا به بهترين بالر رهيا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ هنيئر تائين سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر محمد علي چيو ته سندس خيال ۾ ريڊ بال ڪرڪيٽ سڀني فارميٽس کي ڪور ڪندي آهي.
هن چيو ته ريڊ بال ۽ وائيٽ بال جون ڌار ڌار ٽيمون ٺاهڻ مئنيجمينٽ جو فيصلو آهي اسان جو ڪم کيڏڻ آهي.
سندس چوڻ هوته ريڊ بال جي ڪري وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ به سوئنگ ڪري رهيو آهيان، ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ کيڏڻ سان ڪارڪردگي ۾ تسلسل ايندو آهي.
محمد علي چيو ته سندس ڪنهن سان مقابلو ناهي، بس پلان موجب، ٽيم جيڪو پلان ڏيندي آهي ته ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
واضح رهي ته محمد علي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي پنج ميچن ۾ 13 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.
You might also like