لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلميءَ جي مالڪ جاويد آفريدي ڪپتان بابر اعظم کي اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي قيمتي تحفو ڏئي ڇڏيو.
سومر ڏهاڙي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 13 هين ميچ ۾ پشاور زلمي، اسلام آباد يونائيٽڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ اٺ رنسن تان هارائي ڇڏيو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم۾ اسلام آباد خلاف پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن م پنج وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.
ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ٻي سينچري اسڪور ڪئي.
بابر اعظم 63 بالن تي 176.19 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان بيٽنگ ڪندي 111رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ ٻه ڇڪا ۽ 14 چوڪا پڻ شامل هئا.
پشاور جي 202 رنسن جي هدف جي جواب ۾ اسلام آباد جي ٽيم نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهي سگهي.
اسلام آباد خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي بابر اعظم کي قيمتي ڪار تحفي ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ جاويد آفريدي قيمتي ڪار جي تصوير اَپلوڊ ڪندي اِها بابر اعظم کي تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ڪندي لکيو ته اِها ان ماڊل جي پاڪستان ۾ تيار ڪيل هيءَ پهرين ڪار آهي جيڪا بابر اعظم هلائيندو.
اسلام آباد خلاف شاندار سينچري، پشاور جي مالڪ پاران بابر اعظم لاءِ قيمتي تحفي جو اعلان
You might also like