ڪراچي ۾ پي ايس ايل ميچن لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار، تماشائين لاءِ به هدايتون جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ پاڪستان سپر ليگ جي ميچن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ پي ايس ايل جون ميچون 28 فيبروري کان 18 مارچ تائين جاري رهنديون، جنهن ۾ ايس ايس يو جا هڪ هزار ڪمانڊوز سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.
سيڪيورٽي اختيارين موجب، ميچن دوران ٽريفڪ پوليس، ضلعي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار به فرض انجام ڏيندا جڏهن ته ڪمانڊوز اسٽيڊيم، پريڪٽس، ايئرپورٽ، روٽس ۽ ٻين هنڌن تي مقرر هوندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته تماشائين لاءِ چائنا گرائونڊ کي پارڪنگ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، ميچ کان ٽي ڪلاڪ اڳ اسٽيڊيم جا دروازا کوليا ويندا جڏهن ته ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم جو رخ ڪندڙ تماشائي لاءِ پاڻ وٽ اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.