ٽي ٽوئنٽي انٽرنشينلز ۾ تيز ترين سينچري جو نئون رڪارڊ ٺهي ويو

ڪيرتيپور ( ويب ڊيسڪ) نميبيا جي ڪرڪيٽر لوفٽي ايٽن مردن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلن ۾ تيز ترين سينچري جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي.
ڪيرتيپور جي تريڀون يونيورسٽي انٽرنشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز ۾ نيپال خلاف ميچ دوران نميبيا جي لوفٽي ايٽن تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم ڪيو، هن 33 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي.
لوفٽي نيپال خلاف 36 بالن تي 101 رنسن جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي جنهن ۾ 11 چوڪا ۽ 8 ڇڪا شامل هئا.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ تيز ترين سينچري جو رڪارڊ نيپال جي ڪوشل مالا وٽ هو جنهن گذريل سال نميبيا خلاف ئي 34 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
لوفٽي ايٽن جي جارحاڻي اننگز جي مدد سان نميبيا مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون ۽ جواب ۾ نيپال جي ٽيم 20 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
لوفٽي ايٽن کي ميچ ۾ تيز ترين سينچري ۽ ٻه وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.