اداڪارائن سان ڪم جو تجربو خراب رهيو: نوال سعيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نوال سعيد ساٿي اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ جي تجربي کي خراب قرار ڏئي ڇڏيو.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪارا نوال سعيد چيو ته مرد اداڪار عورتن جي ڀيٽ ۾ گڏيل طور تي وڌيڪ سهڪار ڪندڙ ۽ خوش اخلاق هوندا آهن.
هن چيو ته ڪجهه عورت اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو خراب رهيو. شوبز ۾ ڪم شروع ڪيو ته ڪيترائي خراب تجربا به ٿيا. مون کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه اداڪارائن ڊرامي جي ڪاسٽ مان مون کي ڪڍي ڪنهن ٻئي کي ڪاسٽڪرڻ جو مشورو ڏنو ائين پيشيوراڻي ساڙ ۾ ڪيو ويندو آهي. هڪ اداڪارا ته ميڪ اپ آرٽسٽ کان اهو به پڇي ورتو ته ڇا آئون وِگ لڳائيندي آهيان.
نوال سعيد چيو ته انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي باوجود همت نه هاري ۽ پاڻ کي آرٽسٽ طور ۽ بهتر انسان بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ نون پروجيڪٽس ۾ هاڪاري ماحول مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.