چونڊ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جو مطالبو،عمران ۽ ٻيا آزاد ڪيا وڃن: سراج الحق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي ۽ ٻين چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪمشنر مستعفي ٿئي. جماعت اسلامي جي ” جمهوريت بچايو ڪانفرنس“  ۾ جماعت جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ هن وقت نه معيشت آهي، نه دفاع آهي، نه انصاف آهي، 75 سالن کان هڪ دائري ۾ سفر ڪري رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته ڌاندلي جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙي. هن چيو ته هتي اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙي سياسي پارٽي کي ڪهڙي صوبي جو حق ڏنو وڃي، پارٽين اندر به جمهوريت ناهي. مشاهد حسين چيو ته هڪ نراليون چونڊون هيون، پي ٽي آءِ اڪثريت سان آئي، هن ۾ اڳواڻن چيو ته هارائي چڪا آهيون. پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين چيو ته اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، عدليه ۾ اميد آهي، قانوني ذريعي سان کٽيل سيٽون واپس وٺنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، اسان عدليه کان انصاف جا منتظر آهيون. سينيئر سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر پ پ قيادت کي تجويز ڏني ته سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي ۽ قوم کان معافي گهري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.