اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ڪي پي جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آھي تھ ڌنڌالين ۾ ملوث آراوز کي نوڪرين مان فارغ ڪري،ڪيس داخل ڪري،گرفتار ڪري خيبرپختونخواھ مان نيڪالي ڏني ويندي. ھن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ انھن جي نشاندھي ڪرڻ بعد پشاور ۾ ھڪ وال آف شيم بڻائي ويندي، اتي انھن جا نالا لکيا ويندا،صحافي جاويد چوڌري موجب ھن اھڙو فيصلو ڪري ورتو آھي.وال اف شيم بعد ملڪ جي عوام کي ٻڌايو ويندو تھ انھن جي ڪري ملڪ ۾ 2024 جي چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون ھيون،جاويد چوڌري موجب پي ٽي آءِ.کي ان سطح تائين نھ وڃڻ گھرجي.ان سان نوڪرشاھي ۾ھڪ سول نافرماني ٿي ويندي، اھا جيڪڏھن ڪم بند ڪري ڇڏيندي يا قلم ڇڏ ھڙتال ڪئي تھ پوءِ ان لاءِ مشڪل ٿي ويندو.