زلف پيرزادو پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌندڙ صحافي هو:ساڃاهه وندن پاران ڀيٽا پيش

حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ليکڪن، ترقي پسند ۽ روشن خيال صحافي زلف پيرزادي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته زلف پيرزادو فرض شناس ۽ پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌندڙ صحافي هو، هن قلم جي لڄ رکندي سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي لاءِ لکيو، زلف پيرزادي پنهنجو رشتو ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان جوڙيو هو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ۾ بزم روح رهاڻ پاران سنڌ جي نامياري صحافي زلف پيرزادي جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جوئي ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان وڏو رشتو ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان جڙي رهڻ هوندو آهي ۽ ڀائو زلف پيرزادي اهو رشتو چڱي طرح نڀايو، ڀائو زلف قلم جي لڄ رکي، اهو ٻلهڙيجي جو ڪمال آهي جو اتان جا ماڻهو لطيف جي  ڪلام کي پاڻ سان گڏ سانڍي رکن ٿا، ٻلهڙيجي وارن جو رهبر لطيف آهي. هن چيو ته زلف وٽان هميشه پيار ۽ عزت ملي، ٻلهڙيجي جي ٻين وڏن ڪردارن جيان زلف ۽ لطف به وڏا ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجي ڪردار ۾ سچا ۽ پختا رهيا، ڀائو زلف جهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن، زلف پنهنجي گهرڀاتين ۽ نياڻين جي بهترين تربيت ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته سندس نياڻي به سنڌ جي قومي مسئلن تي ٿيندڙ احتجاجن ۾ اسان سان گڏ هوندي آهي، ڀائو زلف کي ياد ڪيو ويندو ۽ هو سدائين زنده رهندو. نامياري صحافي ۽ عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح چيو ته زلف تي ڳالهائڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، اسان جو گهڻو وقت گڏ گذريو، سڄو قلمي پورهيو اسان گڏ ڪيو آهي، ڀائو زلف دوست نه پر ڀاءُ هو. هن چيو ته ڀائو زلف سنڌي صحافت جي خدمت ڪئي ۽ زلف جهڙن ساٿين ئي ميڊيا جي اندر سنڌ جو ڪيس وڙهيو، ڀائو زلف جو وڇوڙو اسان سڀني جو وڏو نقصان آهي. نامياري اديب ۽ ليکڪ ادريس جتوئي ته ظلم جي رات قائم آهي، ان ڪري پنهنجي قلم جي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، ڀائو زلف پنهنجي قلم کان اهو ڪم ورتو جيڪو هڪ آدرشي قلمڪار وٺندو آهي، زلف هميشه سنڌ جي غريب، مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو. هن چيو ته ڀائو زلف سنڌ جي انهن صحافين مان هو سنڌ صحافت ۾ ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڀائو زلف انور پيرزادي جهڙن ماڻهن جي تربيت هيٺ رهيو، اهي ماڻهو سنڌ جا لازوال ڪردار هئا، زلف پنهنجي قلم کي درٻار جي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ حق ۽ سچ جي لاءِ استعمال ڪيو. بزم روح رهاڻ جي اڳواڻ واحد ڪانڌڙي گڏجاڻي جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته ڀائو زلف جهڙن صحافين ئي سنڌي صحافت کي نوان دڳ ڏسيا، هو خبر جي اهميت کي سمجهندڙ هڪ بهترين نيوز ايڊيٽر هو. هن چيو ته ڀائو زلف جهڙن صحافين پنهنجي صحافت کي سنڌ ۽ ان ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ قومي حقن واري جدوجهد ڪندڙن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ واري قلمي پورهيي سان جوڙيو، ڀائو زلف فقيري طبيعت جو مالڪ هو. صحافي ستار سروهي چيو ته زلف پيرزادو اسان لاءِ رول ماڊل هو، جنهن کي  ڏسي اسان صحافت شروع ڪئي، اها خوشنصيبي آهي ته اسان کي ڀائو زلف سان گڏ ڪم ڪيو، ڀائو ذلف چڱي ريت ڄاڻندو هو ته ڪهڙي خبر جي ڪيتري اهميت آهي، هو پنهنجي ٽيم سان گڏجي ڪم ڪندو هو پر اڪيلا فيصلا نه ڪندو هو، هن کي خبر هوندي هئي ته هن خبر ذريعي ڪيئن سنڌ جو ڪيس پيش ڪري سگهجي ٿو. زلف پيزادو پنهنجي سڄي زندگي آدرشي خيالن ۽ وطن دوستي سان گذري، پنهنجي قلم سان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، ڀائو زلف ملڪيت ٺاهڻ بدارن عزت ڪمائي. درياء خان پيرزادي چيو ته ڀائو ذلف جو والد به ترقي پسند ماڻهو هو، اهوئي سبب آهي جو ڀائو ذلف جي سڄي زندگي سچائي سان قلمي پورهئي واري جدوجهد ڪندي گذاري. سينيئر صحافي لطيف ملاح چيو ته ڀائو زلف سچو ۽ بيباڪ صحافي هو، هن سان ڪيتريون ئي ڪچهريون هيون، جن کي پنهنجو اثاثو سمجهان ٿو. هن چيو ته زلف پيرزادي جهڙن صحافين ئي ميڊيا ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو. زلف پيرزادو جي نياڻي ورثا پيرزادو چيو ته بابا اسان جو بهترين دوست هو، جنهن هميشه مدد ڪئي. هن چيو ته بابا صرف ڳالهين ۾ ترقي پسند نه هو پر عملي طرح به ترقي پسند ماڻهو هو، هن اسان کي ڏکين حالتن ۾ پڙهايو ۽ مڪمل آزادي ڏني. هن چيو ته بابا ڪڏهن مايوس نه ٿيندو هو، اسان کي پنهنجي آدرشي والد جي گذاريل زندگي تي فخر آهي. زلف پيرزادو جي ڀاء ۽ سينيئر صحافي سهيل پيرزادي چيو ته ڀائو ذلف پيزادو منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ سٺو دوست هو، ڀائو زلف جي زندگي جدوجهدن، ڏکن ۽ تڪليفن ۾ گذاري، پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ ئي ڪڏهن سوديبازي ڪئي. هن چيو ته ڀائو زلف لاءِ سياست رومانس هئي، جڏهن صحافت ۾ آيو ته هن صحافت ۾ به رومانس پيدا ڪيو، هن وقت ڪاپي پيسٽ جو دور آهي، پر اڳ اخبار جي ڊيسڪ تي خبرن جي چونڊ ڪرڻ ۽ خبرون ٺاهڻ جي لاءِ وڏو محنت ڪرڻي پوندي هئي. اديب پروفيسر اشرف سمون چيو ته قلم ۾ وڏي طاقت آهي، ڀائو زلف پيرزادو پنهنجي قلم جي تقدس کي برقرار رکيو، جنهن تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا. نجيب قريشي چيو ڀائو زلف سنڌي صحافت جو وڏو نالو هو، ڀائو زلف کان ڪيترن ئي صحافين کي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. ان موقعي تي شيرل گوپانگ، متاز ميمڻ، گلشير ڪوريجو، ممتاز ميمڻ، منصور نائچ، نثار عالماڻي، وسيم ساهڙ، قيوم سروهي، انور چانڊيو، آرادين ڀنڀرو، منيش رملاڻي، حسيب لطيفي ۽ ٻين زلف پيرزادي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته راڳي عزيز چنا ڀٽائي جي وائي ڳائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.