اسٽيبلشمينٽ جي عهديدارن تي اميدوارن کان چونڊن ۾ کٽرائڻ لاءِ پئسا وٺڻ جا الزام؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مريم نواز جي وزيراعليٰ ٿيڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث، ايجنسي جي عملدارن  تي اميدوارن کان چونڊن ۾ کٽرائڻ لاءِ پئسا وٺڻ جو الزام،سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ پاران هڪ بحث جي شروعات ڪئي وئي آهي ته ڇا عورت وزيراعليٰ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ ڪيترائي صحافي به ان بحث جو حصو آهن، پاڪستان ۾ ان قسم جو بحث نئون ناهي، جڏهن محترمه فاطمه جناح جنرل ايوب خان خلاف اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو تڏهن به ڪيترن ئي عالمن فتوائون ڏيندا رهيا ته ڇا عورت جي حڪمراني جائز آهي يا نه؟ان وقت جماعت اسلامي جو امير مولانا مودودي فاطمه جناح سان گڏ هو ۽ هن عورت جي حڪمراني تي ڪو به اعتراض نه واريو هو پر جمعيت علما اسلام جي عالمن اعتراض ڪيو، نوازشريف به محترمه بينظير ڀٽو جي وزيراعظم ٿيڻ واري معاملي کي مذهبي بنيادن تي اٿاريو هو،تڏهن شايد  نوازشريف کي اندازو نه هو ته اهو اشو اڳتي هلي سندس ڌيءُ لاءِ به مٿي جو سور بڻجندو پر اها مهم ڪامياب نه ٿي هئي، پي ٽي آءِ ۾ قيادت جي حوالي سان سخت جهيڙو هلندڙ آهي،شير افضل مروت بئريسٽر گوهر تي نااهل هئڻ جو الزام هڻي ڇڏيو، پارٽي اندر ڪيترائي گروپ آهن، ناليواري صحافي عمر چيما وي لاگ ۾ چيو ته اپوزيشن ليڊر جي حوالي سان ڇڪتاڻ جاري آهي،عمر ايوب شير افضل جي جاءِ تي اپوزيشن ليڊر جي جاءِ والارڻ چاهي ٿو،هڪ ايجنسي جي عملدارن تي الزام لڳو آهي ته انهن چونڊن ۾ اميدوارن کان کٽرائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي حساب سان پئسا ورتا آهن،ڪن هنڌن تي اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته هڪ ئي تڪ ۾ ٻن ٽن ٽاپ جي اميدوارن کان پئسا ورتا ويا آهن،پنجاب جي حوالي سان اها ڳالهه پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آئي آهي،ڏکڻ پنجاب ۾ اميدوارن سان رابطا ڪيا ويا،انهن کي اهو به چيو ويو ته وزير بڻجڻو آهي ته هيترا ڪروڙ ڏيو،اتي پئسا ڏيڻ جي نوبت نه آئي، بلوچستان،ڪي پي ۾ به اهڙا سنگين قسم جا الزام لڳا آهن، هن چيو ته اهو تاثر به خطرناڪ آهي ته ڪنهن ڳجهي ايجنسي جا ماڻهو اليڪشن کٽرائڻ لاءِ اميدوارن کان پئسا وٺي رهيا آهن،منهنجي دعا آهي ته اهي الزام بي بنياد هجن ،ايجنسي جي نيڪ نامي ۾ اضافو نه ٿيندو ان معاملي تي جاچ جي ضرورت آهي، ان معاملي کي سنجيده نه ورتو ويو ته اڳتي هلي ان اشو تي احتجاج به ٿي سگهي ٿو ۽ متاثر اميدوار سامهون اچي ويا ته پوءِ ايجنسي لاءِ شرمساري جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 26 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.