سوشل ميڊيا تي جنرل(ر) فيض حميد کي زهر ڏيڻ جي فيڪ نيوز وائرل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد کي زهر ڏيڻ جي ڪوڙي خبر، صحافي عمران وسيم پنهنجي وي لاگ ۾ چيو ته جنرل(ر) فيض حميد جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي خبر هلائي وئي ته کيس زهر ڏنو ويو آهي  ۽ هو سي ايم ايڇ ۾ انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل آهي، اصل حقيقت اها آهي ته  فيض حميد راولپنڊي اسلام آباد ۾ ناهي،هو پنهنجي اباڻي علائقي چڪوال ۾ موجود آهي،  اها خبر پي ٽي آءِ لائيو فورم پاران هلائي وئي،اها خبر اتان کان ري ٽوئيٽ ٿيندي وئي، اهڙي ئي قسم جي خبر اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا بابت هلائي وئي ته کيس دل جو دورو پيو آهي، لنڊن مان عادل راجا ٽوئيٽ ڪئي هئي، جنرل باجوا انهن ڏينهن ۾ لاهور ۾ هڪ شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل هو

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 26 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.