ٽن سالن کان پوءِ وزيراعظم ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو: منظور وساڻ

ڪوٽڏيجي(ن ع آ)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وزارت عظميٰ لاءِ اڳڪٿي ڪئي آهي ته وزيراعظم ٽن سالن کان پوءِ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو، تفصيل موجب منظور وساڻ ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيندو،  ڪجهه ماڻهو مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پر ناڪام ٿي ويندا، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو ٻن سالن لاءِ مستقبل نظر نٿو اچي، هن چيو ته  پي ٽي آءِ پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اڳتي هلي پي ٽي آءِ باني پريشان ٿيندو، پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندو، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ ماڻهو تحريڪ انصاف ڇڏي  هليا ويندا، سينيئر سياستدان چيو ته جي ڊي جي تحريڪ ختم ٿي ويندي هي پراڻي پگهار تي ڪم ڪندا، عوامي مفاد ۾ جيڪو ڪم ٿيندو ان تي ن ليگ سان گڏ هلنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.