پ پ جو يوسف رضا گيلاني کي سينيٽر چيئرمين اميدوار بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پ پ يوسف رضا گيلاني کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
يوسف رضا گيلاني جي ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو قومي اسيمبلي جو حصو رهڻ چاهي ٿو.
پارٽي ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي سيٽ ڇڏي ته ان تي ٻيهر سينيٽر نه چونڊجي سگهندو، قومي اسيمبلي جي ڀيٽ ۾ سينيٽ جي سيٽ پارٽي لاءِ اهم آهي.
واضح رهي ته يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽر چونڊيو، ان جو اڃا 3 سال مدو رهي ٿو، سينيٽ چيئرمين بڻجڻ جي صورت ۾ هو قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.