”صدر اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن صدر سمري تي اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر آئيني طور پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو.
پنجاب اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته آئين ۾ وڏو واضح آهي ته جيڪڏهن اجلاس نٿو گهرايو وڃي ته 21هين ڏينهن اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي ۽ آئيني 21 ڏينهن جي مهلت جي حساب سان 29 فيبروري آخري تاريخ ٿئي ٿي.
هن چيو صوبن ۾ به جيڪڏهن گورنر اجلاس نٿو گهرائي ته اتي به اهو ئي اصول لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.