ڇا جو رليف؟ عام واهپي جون شيون يوٽيليٽي اسٽورن تي مارڪيٽ کان به مهانگيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورن تي اٽو، چانور ۽ کنڊ عام مارڪيٽ کان به مهانگي کپڻ لڳي.
عام مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو اٽو 2792 رپين ۾ ملي رهيو آهي، جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جي قيمت 2840 رپيا آهي.
سيلو چانور عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي 53.40 رپيا في ڪلو مهانگو آهي، عام مارڪيٽ ۾ سيلو چانور 317 رپيا في ڪلو، جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽورن تي 370 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي.
اڇا چڻا به عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي 13.53 رپيا مهانگا ملي رهيا آهن، مارڪيٽ ۾ اڇا چڻا 391 رپيا ڪلو ۽ يوٽيليٽي اسٽورن تي 405 رپيا ڪلو ملي رهيا آهن.
کنڊ به عام مارڪيٽ کان 9 رپيا مهانگي آهي، يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ 155 رپيا ڪلو ۽ مارڪيٽ ۾ 146 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.