منظور وساڻ جو پير صدر الدين شاهه کي خيرپور مان چونڊ وڙهڻ جو چئلينج

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ، فنڪشنل ليگ پير صدر الدين شاهه کي خيرپور مان اليڪشن وڙهڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته جِي ڊي اَي جو احتجاج بي سبب آهي، ڌانڌلي به پاڻ ڪندا آهن ۽ وري احتجاج به ڪندا آهن، پير صدر الدين شاهه کي چئلينج ڪيان ٿو هو خيرپور جي ڪنهن به تڪ تان سندس مقابلي ۾ چونڊ وڙهي.
هن چيو ته حالتون ڪڪهه صحيح نه آهن، پي ٽي آءِ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي، عمران خان ڪو مستقبل ناهي رڳو اونداهه ئي اونداهه آهي.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته پ پ بنا ڪا به پارٽي مرڪز ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم مڙئي ڪاوڙ ڏيکاري ٿي، آهي اسان سان گڏ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.