جئه شاهه جي وارننگ نظرانداز ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽرن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ايشان ڪِشن ۽ شرياس ايئر جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ بي سي سي آءِ ( بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا ) جي سربراهه جئه شاهه سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي آءِ پي ايل کي ترجيح ڏيندڙ ڪرڪيٽرن کي وارننگ جاري ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ شرياس ايئر، ديپڪ چاهڙ ۽ ايشان ڪِشن رنجي ٽرافي جي آخري رائونڊ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي جنهن کانپوءِ جئه شاهه رانديگرن کي خبردار ڪيو هو ته رانديگرن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي نظر انداز ڪرڻ جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
جئه شاهه جي وارننگ باوجود رانديگرن ساڳي روش جاري رکي جنهن کانپوءِ امڪان آهي ته ٻنهي رانديگرن جو بي سي سي آءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويندو.
ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ جي سليڪشن ڪميٽي 24-2023ع جي سيزن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافته رانديگرن جي فهرست تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ ايشان ڪِشن ۽ شرياس ايئر جا نالا گم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.