ملڪ سون سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رُپيا واڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ سون 2 لک 15 هزار 1 سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 858 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 84 هزار 4 سئو 14 رُپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 16 ڊالرز واڌ کانپوءِ 2 هزار 56 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.