ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسيپڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني صوبائي اسيمبلي جي نئين اسيپڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
آغا سراج دراني ٻڌايو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ جمع ٿيندا ۽ شام 6 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني ٿيندي جڏهن ته 7 وڳي منظور ٿيل نامزدگي ڪاغذن جي فهرست جاري ڪئي ويندي.
جاري ڪيل شيڊيول موجب، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي ٿيندو جنهن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، پ پ قيادت اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي بنا مقابلي چونڊ چاهي ٿي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي.
You might also like