ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو اڄ صوبائي اسيمبلي جو قسم کڻندا ۽ ماڻهو احتجاج ڪندا رهندا.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته کين ڪيتريون سيٽون ملنديون، اسان کي اميد کان وڌيڪ سيٽون مليون آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن ۽ هو گڏجي انهن کي حل ڪندا، اڄ اسان قسم کڻنداسين ماڻهو احتجاج ڪندا رهندا.
You might also like