پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ نون چونڊيل اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر کي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي پويان نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي آهي. جيو نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته بئريسٽر گوهر شريف ماڻهو آهي پر سندس ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي. شير افضل مروت چيو ته بئريسٽر گوهر علي خان کي چيئرمين شپ تان هٽائڻ پٺيان سندس نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي آهي، پارٽي آفيس هلائڻ لاءِ هر وقت سرگرم رهڻو پوندو آهي پر ائين نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته چونڊ نتيجن کانپوءِ پ پ قيادت جو رويو قابل تحسين ناهي، بئريسٽر گوهر کي قيادت ڪرڻ گهرجي ها پر هو ناڪام ٿيا.