واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري

دنيا جي مقبول ترين پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ عمر جي حد گهٽائي ڇڏي آهي.
واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني برطانيا ۽ يورپ ۾ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد 16 سال مان گهٽائي 13 ڪري ڇڏي آهي.
ان کان اڳ يورپ ۽ برطانيا واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ وهپيدارن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 سال هئي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اِها شرط 13 سال هئي.
ڪمپني طرفان پاليسي ۾ ڦيرڦار کانپوءِ هاڻ سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ عمر جي حد 13 سال مقرر ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي جيتوڻيڪ عمر واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي پر واٽس ايپ ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي ويندي.
بيان موجب، ڪمپني يورپي يونين جي ٻن نون ظابطن تحت پنهنجي شرطن ۽ پرائيويسي پاليسين کي اپ ڊيٽ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.