بلائينڊ ڪرڪيٽ سيريز، پاڪستان پهرين ميچ ۾ ڀارت کي مات ڏئي ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان بلائينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي.
گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون.
ڀارتي ڪپتان درگاهه رائو 64 ۽ ونڪيٽيشور رائو 49 رنسن سان اڳڀرا رهيا جڏهن پاڪستان جي بدر منير ۽ ڪامران اختر ٻه-ٻه وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان گهربل هدف آخري اوور جي ٻئي بال تي حاصل ڪري ورتو، نائب ڪپتان بدر منير 63 بالن تي 129 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته ڪپتان نثار علي 18 رنسون ٺاهيون.
ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 23 فيبروري ( سڀاڻي ) کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.