گورنر ڪي پي موڪل تي روانو، اسيمبلي اجلاس بابت فيصلو نه ٿي سگهيو!

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو اڃا تائين نه ٿي سگهيو.
ذريعن موجب، گورنر ڪي پي غلام علي جو اسيمبلي اسجلاس بابت چيف سيڪريٽري سان رابطو ٿيو آهي پر چيف سيڪريٽري اسيمبلي اجلاس بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر غلام علي ذاتي مصروفيتن سبب چئن ڏينهن لاءِ شهر کان ٻاهر هليو ويو آهي، جنهنڪري ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ پنج ڏينهن تائين صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو ڪم امڪان ناهي.
واضح رهي ته اليڪشن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر اسيمبلي اجلاس سڏائڻ آئيني گهرج آهي ۽ آئين پٽاندڙ 21 ڏينهن 29 فيبروري تي پورا ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.