لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي سڏايو ويو آهي،گورنر محمد بليغ الرحمان صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پڌرائي موجب، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي ٿيندو، صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا.
پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر سبطين خان نون چونڊجي آيل ميمبرن کان حلف وٺندو.
ياد رهي ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کانپوءِ پنجاب اسيمبلي پهرين صوبائي اسيمبلي آهي جنهن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ 137 ميمبرن سان کان وڌيڪ سيٽون رکندڙ پارٽي آهي جڏهن ته آزاد اميدوار ٻئي نمبر تي آهن.
You might also like