پي ٽي آءِ پاران انٽرا پارٽي چونڊن جو اعلان، شيڊيول جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) انٽرا پارٽي چونڊون ٽي مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 23 کان 24 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
شيڊيول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ اسڪروٽني 25 فيبروري تي ٿيندي.
پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ نامزدگي ڪاغذن تي فيصلا 27 فيبروري تي ٿيندا.
ان کانسواءِ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي.
انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ پولنگ سينٽرل آفيس سميت چئني صوبائي سيڪرٽريٽ ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.