بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ناهي ڪئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ناهي ڪئي.
اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب، سني اتحاد ڪائونسل ۾ 86 آزاد اميدوارن شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ ن ليگ ۾ 8 آزاد اميدوار شامل ٿيا آهن.
اليڪشن ڪميشن پاران101ڪامياب آزاد اميدوارن مان 96 جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جڏهن ته پنج آزاد اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.