سنڌ سرڪار صوبي جي پنج ضلعن ۾ پبلڪ اسڪول تعمير ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار صوبي جي پنج ضلعن ۾ ٻه ارب رُپين جي لاڳت سان پبلڪ اسڪولن جي تعمير جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٽنڊوالهيار، مٽياري، ٽنڊو آدم سانگهڙ ۽ ٽنڊو محمد خان ۽ گهٽوڪي ضلعن ۾ پبلڪ اسڪولن جو اڏاوتي ڪم هلندڙ آهي جڏهن ته اسڪول جي خرچ ايندڙ لاڳت تي مهانگائي سبب ٻيهر نظرثاني ڪئي وئي آهي.
پبلڪ اسڪولن جي اڏاوتي لاڳت وڌائي ٻه ارب 14 ڪروڙ 88 لک 82 هزار رپيا ڪئي وئي.
ان ڏس منصوبابندي ۽ ترقي واري کاتي طرفان ناڻي واري وزارت کي خط لکيو ويو.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي انتظامي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت کي سفارش ڪئي وئي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل رٿائن لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن منصوبا وقت سر مڪمل ڪري سگهجن.
خط کانپوءِ ناڻي واري وزارت 5 ئي پبلڪ اسڪولن لاءِ مختص رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.