مارش ۽ ٽِم ڊيوڊ جا ڌوڙيا، آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ کي مات ڏئي ڇڏي

ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ نيوزيلينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ويلنگٽن جي اسڪاءِ اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان 215 رنسون ٺاهيو.
نيوزيلينڊ طرفان راچِن رويندرا 68، ڊيون ڪانوي 63 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته فِن ايلن 32، گلين فلپس 19 ۽ مارڪ چپمين 18 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا جي مچل مارش، مچل اسٽارڪ ۽ پئٽ ڪمنز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
آسٽريليا گهربل هدف 20 هين اوور جي آخري بال تي چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو .
ڊيوڊ وارنر 32، گيلن ميڪسويل 25، ٽرويس هيڊ 24 ۽ جوش اينگلس 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته مچل مارش 74 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ ست ڇڪا ۽ ٻه چوڪا پڻ شامل هئا.
ميچ جي خاص ڳالهه ٽِم ڊيوڊ جي 10 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 31 رنسن جي تيز اننگز هئي جنهن آسٽريليا جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،
نيوزيلينڊ طرفان مچل سينٽنر 2، ليوڪي فرگوسن ۽ ايڊم ملني هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
مچل مارش کي آل رائونڊ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
آسٽريليا نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 23 فيبروري تي آڪالينڊ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.