وڏي ڌانڌلي ٿي، ثبوت ڏيندڙن کي ماريو ويندو، عوامي راءِ جو احترام ڪيو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مدر آف آل ريگنگ اها هئي ته پارٽي کي ختم ڪرڻ، بيٽ جو نشان واپس وٺڻ، چونڊ جلسن جي اجازت نه ڏيڻ، مدر آف آل ريگنگ بند ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات دوران ڪيو. اڊيالا جيل هران صحافين سان ڳالهائيندي عليمه خان عمران خان جي گفتگو ميڊيا سامهون پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مدر آف آل يوٽرنز ووٽ کي عزت ڏيو بدران بوٽ کي عزت ڏئي ڇڏي، مدر آف آل سليڪشن اها هئي ته ڪرمنلز جا ڪيس ختم ڪري پي ٽي آءِ باني تي وڌا ويا ۽ 32 سالن جي سزا ڏني وئي ۽ پري پول ريگنگ ۽ اليڪشن ڊي ريگنگ اها هئي ته عوام ۽ ووٽرن کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. عليما خان موجب عمران خان چيو ته ووٽنگ ڊي تي انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، ماڻهو ووٽن لاءِ ڀٽڪندا رهيا، عوام کي سڄو ڏينهن ذليل ڪيو ويو، رات جو خواهشن موجب نتيجا نه مليا ته ٻيهر انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، رات جو مدر آف پوسٽ پول ريگنگ ڪئي وئي. عمران خان جو چوڻ هو ته فارم 45 کي نظرانداز ڪري نتيجو تبديل ڪيو ويو، هتي هڪ ڪمشنر نه ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي گهڻا ثبوت ڏئي چڪا آهن، اندر جا ثبوت به موجود آهن ۽ جن ثبوت ڏنا انهن کي ماريو ويندو، اسان کي ڳڻتي آهي ته هاڻ پنڊي جي ڪمشنر تي تشدد ڪيو ويندو. عليمه خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته دنيا سامهون وڌيڪ تماشو نه بڻايو، جنهن جو مينڊيٽ آهي ان کي ڏئي عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.