پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي رعايت

لاهور(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عمر ايوب، علي محمد ۽ علي امين گنڊا پوري سميت ٻين جون عبوري ضمانتون منظور ٿي ويون آھن، جن مان ڪي جيلن ۾ ته ڪي روپوش پڻ آھن، مٿن 9 مئي جي واقعي جا ھڪ کان وڌيڪ ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل آھن. سينيئر صحافي امداد سومري ان حوالي سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي ڄاڻي ٻجھي رعايت ڏئي رھي آھي ته جيئن پي ٽي آءِ جا روپوش اڳواڻ ۽ ڪارڪن منظر عام تي اچن. امداد سومري چيو ته ضمانت تي آزاد ٿيندڙ اڳواڻ حاضرين تي عدالتن ۾ ويندا رھندا، جتان کين گرفتار ڪيو ويندو، ھڪ ڀيرو ٻاھر اچڻ کان پوءِ اھي سڀئي ٻيھر جيلن ۾ ويندا ۽ مونکي مستقبل ۾ پي ٽي آءِ جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.