لاهور ( م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جن جو ايجنڊا انتشار هو، اڄ به اهي ئي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته نواز شريف رڳو عوام جي مفاد جو سوچي رهيو آهي. تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي صدر ۽ 6 سياسي پارٽين جي گڏيل وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي هڪ پنجاب اسيمبلي ٽن ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ٻن اميدوار ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت ڪئي. شهباز شريف مسلم ليگ ن ۾ شموليت تي ميمبرن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، معاشي خطرن جي تقاضا آهي ته سڀ گڏجي پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪن، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جن جو ايجنڊا افراتفري آهي، اهي اڄ به انتشار پکيڙي رهيا آهن، جڏهن ته نواز شريف هميشه پاڪستان ۽ عوام جي مفاد جو سوچي ٿو. هن چيو ته هو خيبرپختونخواهه جي ترقي چاهين ٿا ڇو ته دهشتگردي تي ضابطو آڻي صوبي جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.