لياقت علي چٺا جا جنرل(ر)فيض حميد سان ويجها لاڳاپا

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي ڌماڪيدار دعويٰ ڪندڙ ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا 7 مارچ تي رٽائر ٿي رهيو آهي.لياقت  علي چٺا  جي مدي ۾ هڪ مهينو به گهٽ آهي. ان ڳالهه جي تصديق ڪيترن ئي صحافين به ڪئي آهي.اسلام آباد جي  صحافي حسن ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته لياقت علي چٺا جا آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) فيض حميد سان ويجها لاڳاپا آهن.صحافي مطيع الله جان پنهنجي تبصري ۾ چيو ته ذريعن موجب ڪمشنر راولپنڊي کي گذريل چئن پنجن حڪومتن ۾ بار بار سٺيون پوسٽنگون ملنديون رهيون آهن ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو اچڻ تي جڏهن کيس پروموشن جي لالچ ڏئي  ٺڳي ڪئي وئي ته هو واعدي خلاف ورزي تي ڦاٽي پيو.اينڪر غريبه فاروقي انڪشاف ڪيو ته راولپنڊي جي مستعفي ڪمشنر لياقت چٺا 13 فيبروري تي آمريڪا جي ويزا ورتي آهي.هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي رحمان گارڊن ۾ پارٽنر آهي ۽ لکين ڪروڙين رپين جي پراپرٽي ٽائيڪون آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.