مريم نواز جي ڪمري جا در ڀڃڻ تي فوج ۽ عمران ۾ تڪرار وڌيو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران خان پاران ڊسمبر 2021 تي ڪراچي جي آواري ٽاور ھوٽل ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي ڪمري ٽوڙڻ بعد جيڪو بگاڙ ٿيو،ان بعد عمران خان ۽ فوج ۾ تڪرار وڌيو. جنھن بعد ھڪ ڪورڪمانڊر اجلاس ۾ فيصلو ٿيو تھ عمران خان پروجيڪٽ بند ڪجي.ڇاڪاڻ جو ان جي حرڪتن جو سڌي ريت فوج تي اثر پئجي رھيو ھو. ان پس منظر ۾ آءِ ايس آءِ جي ڊي جي فيض حميد کي ھٽايو ويو.جنھن جي جاءِ تي جنرل نديم انجم کي مقرر ڪيو ويو. ان دوران عمران خان سخت مزاحمت ڪئي، پر فيصلو ٿي چڪو ھو.ناليواري صحافي اسد طور موجب ڳجهي اداري جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ان وقت اپوزيشن ليڊر شھبازشريف ۽ آصف زرداري سان رابطو ڪري کين چيو تھ ھاڻي فوج نيوٽرل ٿي وئي آھي.جنھن جو ثبوت سينيٽ جون چونڊون آھن،جتي مداخلت ناھي ٿي.ان بعد اپوزيشن بي  اعتمادي رٿ جو فيصلو ڪيو،ان سان گڏ ئي اپوزيشن حڪومت اتحاد ۾ شامل ڌرين سان رابطو ڪري معاملا سڌا ڪيا.اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل ٿيڻ سان ئي عمران خان کي لوڏا اچڻ شروع ٿي ويا. ان دوران عمران خان جي روس جي دوري سان آمريڪا سميت ٻاھرين دنيا بھ ناراض ھئي،جنھن مان اسٽيبلشمينٽ اھو اندازو ڪيو تھ ھاڻي عالمي سطح تي بھ عمران کي حمايت نھ ملندي.اسٽيبلشمينٽ اپوزيشن کي بي اعتمادي جي رٿ لاءِ ھمٿ ڏني.جنھن سان اھا اڳتي آئي.اسٽيبلشمينٽ اھڙي ريت عمران خان جي خلاف ڌڙي جي مدد ڪئي.اڳ ۾ عمران خان حڪومت جوڙڻ لاءِ ڏنل حمايت بھ واپس ورتي  وئي. جنھن بعد عمران خان جي حڪومت ڊھي وئي.آمريڪا جو ڪو ڪردار نھ ھو. اسٽيبلشمينٽ بھ ان نموني پي ڊي ايم جي مدد ڪئي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.