پي ٽي آءِ وارا سياسي مفاد لاءِ ملڪ کي بدنام پيا ڪن: مريم اورنگزيب

ڪراچي (ويب ديسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف وارا پنهنجي سياسي مفاد لاءِ پاڪستان جي بدنامي کان نٿا مُڙن.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ليگي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته جعلي فارم 45 کانپوءِ پيش آهي يورپي يونين جي جعلي پريس رليز، جعلي پرس رليز تي يورپي يونين کي پاڻ ترديد ڪرڻي پئي.
مريم اورنگزيب چيو ته يورپي يونين ۽ دنيا کي خبر پئجي وئي هوندي ته هي ڪيترا وڏا ڪوڙا ۽ ٺڳ آهن، برطانوي اداري کي به پي ٽي آءِ جي ڪوڙ تي ترديدي بيان جاري ڪرڻو پيو هو، ڪوڙن الزامن تي چين کي به ترديد ڪرڻي پئي هئي، عالمي ٺڳ ۽ ڪوڙو پاڪستان ۽ ادارن لاءِ فتنو آهي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي سميت هر موقعي تي پاڪستان ۽ ادارن تي حملا ڪندو رهيو، سندس جمهوري ۽ سياسي ساک جي حالت اها آهي جو ڪا پارٽي ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.