مرتضيٰ وهاب ڪڊني هل پارڪ ۾ سولر پينل جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪڊني هل پارڪ ۾ سولر پينل جو افتتاح ڪيو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي سولر پلانٽ ڪڊني هل کي بجلي فراهم ڪندو، اهڙي قسم جو سولر پلانٽ ٻين پارڪن ۾ به لڳايو ويندو.
هن چيو ته سولر پلانٽ مان اسٽريٽ لائيٽ هلائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل اڀياس جاري آهي، سولر پلانٽ ڪي ايم سي کي بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ بچائيندو.
ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪڊني هل شهر جو اهم منصوبو آهي، ڪڊني هل تي اڍائي لک کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا ويا آهن، اهڙين سهولتن کي وڌيڪ ضلعن ۾ به فراهم ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري رهندا.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميونسپلٽي پنهنجي وسيلن مان ڪم شروع ڪيو ۽ ڪنهن کان پئسا نه گهريا، ماضي ۾ ڪي ايم سي جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، ڪي ايم سي پنهنجا اثاثا عقلمندي سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.