لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو ويجهو هٿياربندن گهر ٻاهران بيٺل پيرسن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ماهي خان چانڊيو ۾ گهر ٻاهران بيٺل محمد جمن چانڊيو کي هٿياربند فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي جنھن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب، پيرسن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
You might also like