فيض حميد جو نالو غلطي سان زبان تي اچي ويو: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ باني جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي حوالي سان آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل (ر) فيض حميد بابت بيان تي وضاحت ڏني آهي.
گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ جي وقت جنرل رٽائرڊ ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد رابطي ۾ هو.
فضل الرحمان چيو ته فيض حميد هن وٽ آيو ۽ کيس چيو ته جيڪو ڪرڻو آهي سسٽم جي اندر رهي ڪري ڪريو، باجوا ۽ فيض حميد جي چوڻ تي ن ليگ ۽ پ پ مهر لڳائي، آئون بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس.
پر ان حوالي سان جي يو آءِ سربراهه وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن جنر (ر) فيض حميد جو نالو غلطي سان منهنجي زبان تي اچي ويو.
هن چيو ته جنرل باجوا، جنرل فيض کي 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ذميوار سمجهان ٿو، ان معاملي تي وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران تاريخ جي حوالي ڪيو وڃي.
واضح رهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باوجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کَرن لفظن ۾ مولانا جي بيان ترديد ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.