مولانا فضل الرحمان جي الزامن تي باجوا ۽ فيض حميد جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد واضح لفظن ۾ مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪئي آهي.
هڪ رپورٽ موجب، اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ويجهن ذريعن مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جَي يو آءِ سربراهه کي گهرجي ته هو پهريان حقيقتون درست ڪري ڇو ته جنرل فيض حميد بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ کان ڪيئي مهينا اڳ آءِ ايس آءِ ڇڏي چڪو هو.
ذريعن موجب، مولانا صاحب اِهو وساري ويٺو آهي ته جنهن وقت عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آندي وئي ان وقت جنرل فيض ڪور ڪمانڊر پشاور طور فرض انجام ڏئي رهيو، جنرل فيض حميد نومبر 2021 ۾ اسلام آباد ڇڏي چڪو هو.
جنرل باجوا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جي مولانا سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي هئي.
پهرين ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن مولانا عمران خان خلاف لانگ مارچ ڪري رهيو هو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان ٻي ملاقات 26 مارچ 2022ع تي ٻين اپوزيشن اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو، اختر مينگل، شاهه زين بگٽي ۽ ٻيا موجود هئا، ان ملاقات ۾ هڪ اهم جنرل پڻ شامل هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي فوجي جرنيلن اپوزيشن پارٽين سان ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ملاقات ڪئي هئي ڇو ته هو چاهي پيو ته سندس خلاف بي اعتمادي رٿ واپس ورتي وڃي.
رپورٽ ۾ باجوا جي ويجهن ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي جرنيلن اپوزيشن اڳواڻن تي زور رکيو ته عمران خان کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي، جڏهن اپوزيشن اڳواڻن ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڏيکاري ته کين چيو ويو ته بي اعتمادي واري رٿ واپس ورتي وڃي ۽ ان جي عيوض عمران خان چونڊن جو اعلان ڪندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو هو ته پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي رٿ جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي آندي وئي، بي اعتمادي وقت جنرل (ر) باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد رابطي ۾ هئا.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس، مان چاهيو پئي ته تحريڪ ذريعي ان وقت جي حڪومت هٽائي وڃي، فيض حميد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ سسٽم اندر رهي ڪيو.
هن چيو بي اعتمادي کان انڪار ڪيان ها ته چيو وڃي ها مان پي ٽي آءِ باني کي بچايو، ڌانڌلي 2018 ۾ به ٿي هئي ۽ هاڻ به ٿي آهي، ظاهري طور چونڊن ۾ ڌانڌلي جو فائدو ن ليگ کي ٿيو، هاڻ فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ اختلافن باوجود اسان گڏ هلي رهيا هئاسين، اسان اڳ به ن ليگ کي سپورٽ ڪيو هو ۽ اڳتي به ڪيون ها، اسان ته پارليامينٽ ۾ خدشن سان وڃي رهيا آهيون، اسان حڪومت سازي جو حصو ناهيون نه ته ن ليگ کي سپورٽ ڪيون ها.
فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي شفاف چونڊون ٿيون ته 9 مئي جو بيانيو دفن ٿي ويو، پوءِ ڇا ماڻهن غدارن کي ووٽ ڏنو؟
جي يو آءِ سربراهه چيو ته منهنجو اصل مسئلو ۽ دعويٰ ته اسٽيبلشمينٽ تي آهي، اهڙي حڪومت ٺاهڻ کي ڪامياب حڪمت عملي نٿو سمجهان، حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو اٿوَ ته نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.