پ پ ۽ ن ليگ به بي اعتمادي رٿ بابت فضل الرحمان جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي کانپوءِ مسلم ليگ ن به اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جي چوڻ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي.
پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ته اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن کي بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ جو مشورو ڏنو هو پر مولانا فضل الرحمان جنرل باجوا جي مشوري جي مخالفت ڪئي ۽ بي اعتمادي رٿ تي ئي زور ڏنو.
سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزيراعظم پاران استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ واري آڇ کين بهتر لڳي هئي پر مولانا فضل الرحمان جنرل باجوا جي ان تجويز جي سخت مزاحمت ڪئي هئي.
ن ليگ اڳواڻ ۽ پ پ جي فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيانن تي جَي يو آءِ ترجمان حافظ حمد الله ردعمل ۾ چيو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ جنرل باجوا جي ملازمت جو مدو وڌائي پارليامينٽ ۽ جهموريت جي توهين ڪئي، ڇا ن ليگ ۽ پ پ جنرل باجوا کي ٽن سالن جي ايڪسٽينشن نه ڏني؟ .
حافظ حمد الله جو چوڻ هوته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيندڙ پارٽين سندس چوڻ تي بي اعتمادي رٿ به آڻي سگهن ٿيون، جَي يو آءِ جنرل باجوا جي ملازمت جو مدو وڌائڻ واري فيصلي جي سرعام مخالفت ڪئي هئي ۽ مولانا اڄ به ان موقف تي قائم آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت ختم ڪري، پ پ قيادت رات جي اونداهي ۾ پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو هو ته پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي رٿ جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي آندي وئي، بي اعتمادي وقت جنرل (ر) باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد رابطي ۾ هئا.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس، مان چاهيو پئي ته تحريڪ ذريعي ان وقت جي حڪومت هٽائي وڃي، فيض حميد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ سسٽم اندر رهي ڪيو.
هن چيو بي اعتمادي کان انڪار ڪيان ها ته چيو وڃي ها مان پي ٽي آءِ باني کي بچايو، ڌانڌلي 2018 ۾ به ٿي هئي ۽ هاڻ به ٿي آهي، ظاهري طور چونڊن ۾ ڌانڌلي جو فائدو ن ليگ کي ٿيو، هاڻ فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ اختلافن باوجود اسان گڏ هلي رهيا هئاسين، اسان اڳ به ن ليگ کي سپورٽ ڪيو هو ۽ اڳتي به ڪيون ها، اسان ته پارليامينٽ ۾ خدشن سان وڃي رهيا آهيون، اسان حڪومت سازي جو حصو ناهيون نه ته ن ليگ کي سپورٽ ڪيون ها.
فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي شفاف چونڊون ٿيون ته 9 مئي جو بيانيو دفن ٿي ويو، پوءِ ڇا ماڻهن غدارن کي ووٽ ڏنو؟
جي يو آءِ سربراهه چيو ته منهنجو اصل مسئلو ۽ دعويٰ ته اسٽيبلشمينٽ تي آهي، اهڙي حڪومت ٺاهڻ کي ڪامياب حڪمت عملي نٿو سمجهان، حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو اٿوَ ته نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندئو.
مولانا فضل الرحمان جي انڪشاف تي پ پ ترجمان فيصل ڪرم ڪنڊي رعمل ڏيندي چيو ته قدرت جو قانون آهي هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏانهن موٽي ويندي آهي، مولانا قوم کي ٻڌائي ته هن ڌرڻو ڪنهن جي چوڻ تي شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن جي حڪم تي ختم ڪيو؟ مولانا اِهو به ٻڌائي ته حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ وفائدو ڪنهن ماڻيو؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.