ڀارت: فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ ۽ عمارت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ رنگ ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ ۽ عمارت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي علائقي علي پور ۾ قائم رنگ جي فيڪٽري ۾ شام جي وقت باهه لڳي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو.
فائر برگيڊ اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جي گاڏين سميت عملو ٿڏي تي پهچي ويو جنهن ڪولنگ عمل ۾ حصو ورتو.
اختيارين ٻڌايو ته فيڪٽري ۾ ڌماڪو ٿيڻ سبب باهه تيزي سان پکڙجي وئي جنهن تي ضابطو آڻڻ ۾ 4 ڪلاڪن لڳا جڏهن ته ڌماڪي سبب فيڪٽري جي عمارت به ڊهي پئي.
اختيارين موجب عمارت ڪرڻ سان فيڪٽري ۾ موجود مزدور ملبي هيٺ دٻجي ويا جڏهن ته ڌماڪي جي شدت سان لڳندڙ باهه ويجهن گھرن ۽ دڪانن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو.
اختيارين موجب حادثي جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿيا آهن جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب فيڪٽري ۾ باهه جا سبب اڃا واضح طور تي سامهون نه آيا آهن، پر ريسڪيو ٽيمون ۽ فائر فائٽرز ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن ۽ باهه جي اصل سببن جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.