سپريم ڪورٽ: اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ سموري ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي ٿيل عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي وئي.
شهري علي خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي بنياد تي ملڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ 19 هين فيبروريءَ تي ٻڌڻي ڪندي.
ان کانسواءِ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به ٽي رڪني بئنچ جو حصو آهي.
سپريم ڪورٽ درخواست گذار کي نوٽيس جاري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته اٺ فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌيل جون شڪايتون سامهون آيون آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف، اي اين پي، جَي يو آءِ، جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي ۽ بين پارٽين طرفان ڌانڌلي جي شڪايتن ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.