جماعت اسلامي جو انڪار، پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ۾ جَي يو آءِ سان حڪومت ٺاهڻ تي غور

پاڪستان تحريڪ انصاف جماعت اسلامي جي انڪار کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان کان مدد وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان جي خيبرپختونخوا اسيمبلي سيٽون موجود آهن جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جو يو آءِ سان ڪي پي ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو امڪان آهي.
پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا ۽ هو اليڪشن بابت خدشن تي هڪ پيج تي آهن، ڪالهه پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان کي پي ٽي آءِ باني جو پيغام ڏنو ويو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسد قيصر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ پي ٽي آءِ وزيراعظم جي اميدوار عمر ايوب لاءِ جي يو آءِ کان ووٽ گهريو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.