قبض ختم ڪرڻ لاءِ هي شربت پيئو!

هاضمي جو نظام اسان جي صحت لاءِ مک ڪردار ادا ڪندو آهي ڇو جو اِهو غذائي جُز جذب ڪرڻ ۽ جسم ۾ گڏ ٿيندڙ گند کي خارج ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي.

پهريان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته قبض ڇا آهي ۽ اِهو ڇو ٿيندو آهي؟

قبض ڇا آهي؟

قبض اهڙي شڪايت آهي جنهن ۾ آنڊن جو عمل (جسم ۾ گڏ ٿيندڙ گند) ڏکيائي، تڪليف سان يا گھٽ خارج ڪندو آهي.

قبض ڇو ٿيندو آهي؟

گھڻو وقت ويهي گذارڻ، پاڻي گھٽ پيئڻ ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري ماڻهو قبض جو شڪار ٿيندا آهن.

اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙا شربت ٻڌائينداسين جن جي استعمال سان اوهان قبض کان سولائي سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھو ٿا.

کيري جو جوس

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ به قبض جو سبب بڻجي سگھي ٿي ان ڪري کيري جو جوس بهترين آهي ڇو جو کيري ۾ پاڻي جو جهجهو مقدار هوندو آهي جيڪو اوهان جي جسم جي خشڪي کي ختم ڪري هاضمي جو نظام بهتر بڻائيندو آهي.

ايلوويرا جو جوس

نالو ٻڌي متان اوهان کي به عجيب لڳي ته ايلوويرا جو ڪڙو جوش ڪيئن پيتو وڃي پر اهو ٻوٽو پنهنجي اندر اڻ ڳڻيا فائدا رکي ٿو.

ايلوويرا آنڊن ۾ موجود گند کي نرم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي جڏهن ته آنڊن جي حرڪت کي بهتر بڻائڻ ۾ به مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

نارنگي ۽ انناس جو جوس

تازي نارنگي جي رس ڪڍي پيئڻ سان نه رڳو اوهان جي قبض جي شڪايت ختم ٿي ويندو پر اوهان جي کَلَ به نکري پوندي.

اهڙيءَ طرح انناس جو جوس به قبض ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

ان کانسواءِ ليمي جو پاڻي به قبض لاءِ فائديمند آهي ڇو جو ان ۾ موجود سٽرڪ ايسڊ آنڊن جي حرڪت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.