صبح جي اُس جا جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ وڏا فائدا

سج جي شعاعن ۾ قدرت اڻ ڳڻيا فائدا رکيا آهن ۽ طبي ماهر به صبح جي اُس ۾ ويهڻ جو مشورو ڏيندا آهن.
سج جي شعاعن ۾ جتي اڻ ڳڻيا فائدا آهن ته اتي سج جا شعاع نقصان به پهچائيندا آهن ۽ اُهو ڪهڙو وقت آهي جنهن ۾ سج اسان جي صحت کي نقصان رسائي سگھي ٿو؟
طبي ماهرن پاران ٻڌايو ويندو آهي ته صبح جي وقت ۽ شام جو سج لهڻ کان اڳ اُس انساني جسم کي فائدو پهچائيندي آهي جڏهن ته ڏينهن جي تيز ۽ ساڙيندڙ اُس جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ سان گڏوگڏ کَلَ کي به ساڙي ڇڏيندي آهي.
صبح جي وقت اُس ۾ ويهڻ جا فائدا.
جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ٿئي ٿي
سج اڀرڻ وقت اُس ۾ ويهڻ سان اوهان جي جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ پوري ٿيندي آهي جنهن سان هڏا ۽ سَنڌ مضبوط ٿيندا آهن.
ذهني صحت
صبح جي اُس ذهني صحت لاءِ به فائديمند هجي ٿي ڇو جو اُس دٻاءُ ختم ڪندي آهي.
ان کانسواءِ اُس موڊ کي خوشگوار بڻائيندي آهي جڏهن ته ننڊ ۾ به بهتري آڻيندي آهي.
جسماني طاقت کي وڌائي ٿي
صبح جي اُس اوهان جي جسم جي طاقت کي به وڌائي ٿي جنهن سان اوهان سڄو ڏينهن متحرڪ رهندا آهيو ۽ ڪمزوري جو احساس ختم ڪرڻ ۾ به صبح جو سوير جي اُس مددگار هوندي آهي.
کَلَ کي صحتمند بڻائي ٿي
صبح جي اُس کَلَ تي پوڻ سان وٽامن ڊي ته حاصل ٿيندي آهي جنهن سان کَلَ جي صحت ۾ به بهتري ايندي آهي ۽ رنگ به نکرندو آهي.
قوت مدافعت کي مضبوط بڻائي ٿي
صبح جي اُس قوت مدافعت مضبوط بڻائيندي آهي جنهن سان اوهان کي پکڙجندڙ موسمي انفيڪشنز ۽ بيڪٽيريا کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.