عارف علوي واري تجربي کانپوءِ صدارت لاءِ آصف زرداري جو نالو ”ڪاٽو“؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ايوان صدر ۾ آصف علي زرداري جي آمد رڪجي وئي؟ پنجاب ۾ دلچسپ صورتحال، سنڌ جي وڏوزارت جي ڊوڙ ۾ ”ادي فريال“ به شامل،عمران خان کي سياست جا گر اچڻ شروع ٿي ويا؟ ناليواري صحافي فخر دراني اعزاز سيد جي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته عارف علوي جي تجربي کانپوءِ” وڏي گهر“ مان فيصلو ٿيو آهي ته آصف علي زرداري جي نالي تي مائنس لڳي ويو آهي،انفارميش آهي ته ڪو ننڍو منڊو تابعدار شخص رکيو ويندو،منهنجي ذهن ۾ ٽي نالا آيا آهن، نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ،صادق سنجراڻي،سرفراز بگٽي آهن، اهي ٽئي اسٽيبلشمينٽ جا ويجها ۽ قابل اعتماد ماڻهو آهن،اعزاز سيد چيو ته نوازشريف آئوٽ آهي ته زرداري کي آئوٽ ڪرڻ جو خيال اچي سگهي ٿو پر آصف زرداري گيم چينجر به آهي، بلوچستان جي وڏوزارت لاءِ صادق سنجراڻي ، سرفراز بگٽي،ڄام ڪمال،ثناءُ الله زهري مضبوط اميدوار آهن،اتي جي يو آءِ جا به ميمبر آهن، انهن جي به الڳ ڪوشش آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي،تحريڪ انصاف ميان اسلم کي وڏوزارت لاءِ نامزد ڪيو آهي، ميان اسلم 9 مئي واقعي ۾ مرڪزي جوابدار طور نامزد ٿيل آهي،ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ پاران رڳو اسپيڪر لاءِ نالو فائنل ٿيو آهي،پي ٽي آءِ وڏ وزارت لاءِ علي امين گنڊاپور جو نالو واپس وٺي ڇڏيو آهي،عمران خان کي اطلاع ڏني وئي آهي ته گنڊاپور ڪمپرومائزڊ آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ وڏو وزارت لاءِ بلاول مراد علي شاهه کي چاهي ٿو،زرداري جو خيال آهي ته شرجيل ميمڻ يا ناصر شاهه ٿئي،ٽيون نالو ادي فريال ٽالپر جو آهي،پنجاب ۾ مريم نواز ٿي سگهي ٿي ته آصف زرداري جي ڀيڻ وزيراعليٰ ڇو نٿي ٿي سگهي،مريم اورنگزيب پنجاب ۾ مريم نواز سان گڏ رهندي،لڳي رهيو آهي ته عمران خان هڪ پاسي ٻيهر ٽڪراءُ وارو رستو اختيار ڪيو آهي ٻئي پاسي بچاءُ واري اڳوڻي سيڪريٽري جنرل(ر)نعيم خالد لوڌي پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ صلح لاءِ سرگرم آهي،لڳي ٿو ته عمران خان سياست سکي ويو آهي،چوڌري شجاعت پرويز الاهي وٽ هڪ فارمولو کڻي پهتو آهي.

نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.